محرم الحرام جي شرعي حيثيت ۽ اسانجو ڪردار

بسم الله الرحمن الرحيم

       السلام عليڪم

محرم الحرام جي شرعي حيثيت ۽ اسانجو ڪردار

اسلامي تاريخ جوپهريون مهينو
محرم الحرام شرعي ۽ تاريخي لحاظ کان هڪ عظيم مهينو آهي۽ انهن مهينن منجهان هڪ آهي جن کي الله تعالي حرمت وارو قرار ڏنو آهي .
جيئن الله تعالي فرمائي ٿو
ان عدة الشهور عند الله اثنا عشر شهرا في کتب الله يوم خلق السموات والارض منها اربعة حرم {التوبه: ٣٦}
بيشڪ مهينن جي ڳڻپ الله تعالي وٽ ٻارهن مهينا آهي الله تعالي جي ڪتاب ۾ جڏهن کان آسمان ۽ زمين کي پيدا ڪيائين انهن مان چار حرمت وارا آهن ۔
محرم الحرام جو انهن چئن مهينن منجهان هجڻ جي دليل بخاري شريف جي اها حديث آهي جنهن ۾ اچي ٿو پاڻ ؃فرمايائون
السنة اثنا عشر شهرا منها اربعة حرم ثلاثة متواليات ذوالقعدة وذوالحجة والمحرم ورجب شهر مضر الذي بين جمادي وشعبان {بخاري ڪتاب التفسير رقم الحديث 4662}
سال ٻارهن مهينن جي هوندي آهي جن مان چارحرمت وارا آهن ٽي لڳاتار يعني ذوالقعده ذوالحجه ۽ محرمجڏهن ته چوٿون رجب مضر آهي جيڪو   جمادي الاخر ۽ شعبان جي وچم اچي ٿو.
زمانه جهاليت ۾ به انهن کي وڏي اهميت ۽ حيثيت حاصل هئي هو انهن مهينن ۾ جنگ وجدل ۽ قتل وغارت وغيره کي حرام سمجهندا هيا ساڳئي طرح اسلام به انهن جي حرمت کي برقرار رکندي لڙائي ۽ جنگ وغيره کان منع ڪئي.
محرم الحرام کي اهيو به شرف حاصل آهي جو هواسلامي سال جو پهريون مهينو پاتو وڃي ٿو ڇوته اسلامي تاريخ جي شروعات رسول الله صلي الله عليه وسلم جي مڪي کان مديني ڏانهن هجرت کان شروع ٿئي ٿي جيڪا قصدا ذوالحجه جي آخر ۾ شروع ٿي چڪي هئي ۽ ذوالحجه کانپوء جيڪو مهينو اچڻ واروهو اهو محرم الحرم جو هو تنهنڪري صحابه ڪرام رضي الله عنهم جي مشوره سان محرم الحرام کي ابتدائي اسلامي مهينو قرار ڏنوويو {فتح الباري جلد 7 ص 214 } اهڙي طرح محرم الحرام کي اهيو به شرف حاصل آهي ته انجي 10 تاريخ جو روزو رمضان المبارڪ جي روزن جي فرضيت کان پهرين فرض هيو بعد۾ فرضيت ته منسوخ ٿي وئي پر انجو مشروع هجڻ برقرار رکيو ويو .
جيئن بخاري شريف جي حديث آهي....
کان رسول الله صلي الله عليه وسلم امر بصيام يوم عاشوراء فلما فرض رمضان کان من شاء صام ومن شاء افطر {بخاري ڪتاب الصوم رقم الحديث 2001} 
رسول الله صلي الله عليه وسلم عاشوراء جي روزي رکڻ جو حڪم ڏنو پر جڏهن رمضان جا روزا فرض ڪيا ويا تڏهن حڪم ڏنائون جيڪو چاهي روزو رکي جيڪو چاهي نه رکي ۔
عاشوراء يعني 10محرم جي اصل حقيقت ڪجه هن طرح آهي ته جڏهن نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم هجرت ڪري مدينه منوره تشريف فرماء ٿيا تڏهن ڏٺائون ته عاشوراء جي ڏينهن يهودي روزو رکن ٿا.
پاڻ انهن کان پڇيائون ته توهان انهي ڏينهن ڇوٿا روزو رکو؟
چوڻ لڳا ته هي هڪ سٺو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن تي الله تعالي بني اسرائيل کي انهن جي دشمن فرعون کان نجات ڏياري هئي جنهن تي موسي عليه السلام بطور شڪراني جي روزو رکيو هو ۽ اسان به انهي خوشي ۾ روزو رکون ٿا ۔پاڻ فرمايائون
انا احق بموسي منکم پوء آئون ته توهان کان وڌيڪ حقدار آهيان {موسي عليه السلام جي خوشي ۾ شريڪ ٿيڻ ۾} پوء پاڻ روزو رکيائون ۽ صحابه ڪرام ؓ کي به حڪم ڪيائون ته اهي به روزو رکن ۔
{بخاري ڪتاب الصوم رقم الحديث 2004}
اهڙي طرح رمضان کانپوء افضل ترين روزا محرم الحرام جي مهيني جا آهن ۔
جيئن پاڻ ؃ فرمايائون 
افضل الصيام بعد شهر رمضان شهرالله المحرم
{مسلم ڪتاب الصيام رقم الحديث 2756}
رمضان کانپوء افضل ترين روزا الله جي مهيني محرم الحرام جاآهن ۔محرم الحرام ۾ عاشوراء جاروزا رکندي يهودين جي مشابهت ۽ انهن سان موافقت کان بچڻ لاء ضروري آهي ته 
پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جي هن حڪم تي عمل ڪيو وڃي ۔  
صوموا قبله يوما اوبعده يوما {مسند احمد}
هڪ ڏينهن عاشورا کان اڳ يا هڪ ڏينهن پوء {يعني 9 محرم يا  11 محرم } جو به روزو  رکو ۔
✒تاريخي نقطه نظر سان ڏٺو وڃي ته انهي مهيني ۾  ڪيترائ
ئي واقعا رونما ٿيا پر اڪثر ڏٺو ويو آهي ته واقعه ڪربلا ئي آهي جنهن جي ياد محرم الحرام سان جڙيل آهي ۔
جڏهن ته ان کانسواء به ٻيا ڪجه افسوس ناڪ ته ڪجه باعث مسرت واقعا انهي مهيني ۾ وقوع پذير ٿيا ۔
مثلا ۔۔۔۔ اميرالمومنين سيدنا عمر فاروق رضي الله عنه جي شهادت جو ڏکوئيندڙ ۽ افسوسناڪ واقعو به انهي مهيني ۾ ٿيو.
موسي عليه السلام ۽ انهي جي قوم کي فرعون جي ظلمن کان نجات به انهي مهيني ۾ ملي ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا واقعا محرم الحرام ۾ رونما ٿيا۔ پر افسوس جو مسلمان سڏرائڻ وارو هڪ مخصوص ٽولو تمام ڳالهين کي نظر انداز ڪري غم حسين جي ڪوڙي دعوي ڪندي هن
عظيم الشان مهيني کي بدعتن ۽غلط رواجن جي ور چاڙهي تاريخ کي غلط رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ۾عمل پيرا آهي جنهن محرم الحرام جي جي تقدس کي پامال ڪندي ان کي ڏک ۔غم ۔۽ مصيبت جو  مهينو قرار ڏنو آهي ۔ 
يقنا!!!!!!!!!! 
واقع ڪربلا هڪ ڏکوئيندڙ واقعو آهي 
پر اسلام ان شئ جي اجازت ڪٿي ٿو ڏي ته ڪيترائي سال پراڻي واقعي جي ياد ۾ ماتمي جلوس ڪڍيا وڃن؟؟؟؟
ڏک جي اظهار لاء ڪارو لباس پاتو وڃي ۔روئڻ ڌوئڻ ۽ نوحه ڪيو وڃي ۔تعزيه ۽ مجلس عزاء جو انعقاد ڪيو وڃي ۔
صحابه ڪرام رضي الله عنهم
کي گهٽ وڌ ڳالهايو وڃي ۔
اظهار محبت ۾ پاڻ کي ڇرن ۽ زنجيرن سان زخمي ڪيو  وڃي 
اهڙن ماڻهن جي باري ۾ رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو : ليس منا من ضرب الخدود ۔ وشق االجيوب ۔ودعا بدعوي الجاهلية {بخاري ڪتاب الجنائز رقم الحديث 1297 } 
جنهن پنهنجي چهري تي ڌڪ هنيا ۽ گريبان ڦاڙيو ۽ جاهليت جي پڪار پڪاري اهو اسان منجهان ناهي۔ اهڙن ماڻهن کان الله جي رسول ؃  برات جو اعلان ڪيو آهي ۽ هونء به ٽن ڏينهن کان مٿي سوڳ جي اجازت نه آهي ۔ جڏهن ته هن واقعي کي ڪيترائي سال گذري ويا آهن تنهنڪري اسانکي کپي  ته هن منظم سازش کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون 
ياد رکڻ کپي ته جهڙي طرح  
شهادت حسين ؓ دردناڪ ۽ڏکوئيندڙ واقعو آھي اهڙي طرح شهادت عمر فاروق ۔شهادت عثمان غني ۔شهادت علي المرتضي ۽ شهادت عبدالله ابن زبير رضي الله عنهم به ڏکوئيندڙ ۽ دردناڪ واقعا  آهن ليڪن اسلام اجازت نٿو ڏي ته ڪنهن مروجه طريقي سان غم شهادت ملهايو وڃي جيڪڏهن ائين آهي ته سال جا 12 مهينا اهڙن دردناڪ واقعن سان ڀريل آهن  پوء ته سڄوسال تعزيتن ۽ ماتمي جلوسن ۾ گذري ويندو بحرحال اسلام مصيبت جي وقت صبر جوحڪم ڏيئي ٿو ۽ صابرين جي لاء هڪ عظيم خوشخبري ٻڌايل آهي ،،،،،،،
⬅تنهنڪري محرم الحرام ۾ اظهار غم جا جيڪي به مروجه 
طريقا نظر ايندا آهن اهي سڀ جاسڀ غيرشرعي غيراسلامي آهن اسلام قطعا انهن جي اجازت نٿو ڏي ۔ جڏهن ته انهن 
رائج طريقن ۾ اسلام مخالفت ۽ بدعت نمايا نظر اچي ٿي 
مثلا⬇⬇⬇⬇⬇
عاشوراء جي روزي جي ترغيب آيل آهي پر هي دوست ان ڏينهن 
⬅خصوصي کاڌن جو اهتمام ڪندا آهن 🍎🍑 
⬅سبيلون لڳائيندا آهن 🚰🚰
⬅قبرستان وڃي اتي ڏيئا ٻاريندا آهن 🕯🕯
اهي تمام ڪم مروجه ۽ غيرشرعي آهن ۔جن کان بچڻ هر هڪ مسلمان جي ذميواري آهي ۔
  
⬇⬇⬇⬇⬇⬇⬇⬇
اهڙي طرح محرم الحرام جي حوالي سان هڪ افسوسناڪ پهلو اهوبه آهي ته اهل السنة والجماعه جا دعويدار حضرات به انهئ مهيني کي ماتمي مهينو سمجهي ڪري ان ۾ شادي وغيره کان احتراض ڪندا آهن۔ اهيو وهم رکندي ته محرم ۾ ڪيل شادي بي برڪتي ۽ بري انجام واري ثابت ٿيندي
اهڙي قسم جا خيالات باطل ۽ فاسد۽ بيڪار آهن۔ جن کي ذهن منجها ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪرڻ جي ضرورت آهي!!!!!
آخر ۾ اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته ڪجه ناسمجه ۽ نادان ماڻهو محرم الحرام جي خصوصي حيثيت ۽ عاشوراء جي روزي کي واقع ڪربلا سان جوڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا آهن جڏهن ته اهيا حقيقت آهي ته محرم الحرام جي افاديت ۽ عاشوراء جي روزي جي شهادت سيدنا حسين رضي الله عنه سان ڪوبه تعلق نه آهي اهيو محض تاريخ جو اتفاق آهي جو شهادت حسين رضي الله عنه جو واقعو 10 محرم الحرام تي پيش آيو۔۔۔۔۔
Previous
Next Post »